عبدالڪريم ميربحر

عبدالڪريم ميربحر

عبدالڪريم ميربحر

عبدالڪريم ميربحر: نامور ملهه پهلوان عبدالڪريم ميربحر، 1928ع ڌاري قاضي احمد ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ پيدا ٿيو. کيس ملهه پهلوان دوستن جي صحبت ۾ رهندي ملهه وڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو، جنهن سبب ڪنهن استاد جي رهنمائيءَ کان سواءِ قاضي احمد ويجهو سيد جمال شاهه جي ملاکڙي ۾ ملهه وڙهڻ جي شروعات ڪئي. ان کانپوءِ پهلوان محمد حسن کوسي جي شاگردي اختيار ڪري ملهه وڙهڻ جي سکيا ورتائين. استاد کيس ملهه جي خاص انگن جي سکيا ڏئي شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏني. پاڻ ڇهن مهينن تائين ٽئين جوڙ ۾ وڙهڻ بعد ڪيترائي ملاکڙا ماري ٻئي جوڙ ۾ شامل ٿيو. ستن سالن تائين ٻئي جوڙ ۾ وڙهيو، جنهن بعد پهرين جوڙ ۾ داخل ٿيو. هن سڄي سنڌ جي مختلف ميلن ملاکڙن ۾ مشهور پهلوانن سان مقابلا ڪيا. کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليل آهن. پاڻ هميشه اتر جي پهلوانن جي طرف کان ملهه وڙهندو رهيو. پنهنجي علائقي ۾ ڪيترائي ملاکڙا پڻ ڪرايا. هن 20 سالن تائين ملهه وڙهي، بيماريءَ سبب 45 سالن جي عمر ۾ 1973ع کان ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو